مير حيدرالدين سبزواري

مير حيدرالدين سبزواري : مير حيدرالدين ابوتراب ’ڪامل‘ سبزواري سنڌ جو نامور عالم ۽ شاعر ٿي گذريو آهي. مير علي شير قانع ٺٽويءَ پنهنجي ڪتابن ’تحفة الڪرام‘ ۽ ’مقالات الشعراء‘ ۾ مير حيدرالدين جي علمي لياقت بابت تمام گهڻي تعريف ڪئي آهي. مير حيدرالدين جو والد مير رضي الدين فدائي بن مير ابوالمڪارم شهود بن مير ابوالبقا امير خان بن مير ابوالقاسم نمڪين بن ملامير سبزواري هو. ٺٽي ۽ بکر جي ڪيترن ئي مغل نوابن کيس نذرانا پيش ڪيا، پر هن ڪڏهن به قبول نه ڪيا. مير صاحب هميشه استغراق جي عالم ۾ هوندو هو ۽ سندس ڪيتريون ڪرامتون مشهور آهن. هن سنڌي، هندي ۽ فارسيءَ ۾ شاعري ڪئي آهي. مير علي شير لکي ٿو ته مير حيدرالدين پنهنجي ڪلام جا ڏهه ضخيم جلد تيار ڪيا، جن کي محمد پناهه رجا ٺٽويءَ جي حوالي ڪيائين ته هو انهن کي مرتب ڪري.“ محمد پناهه رجا اهي مرتب ڪيا يا نه، پر اڄ اهي موجود نه آهن. يعني ڏهن جلدن تي مشتمل سمورو ڪلام ضايع ٿي ويو يا وري ڪنهن شاعر پنهنجي نالي ڪري ڇڏيو. سندس شاگردن مان محمد پناهه رجا ٺٽوي ۽ مير ابوالبقا بهرور علي گهڻا مشهور آهن. مير مير حيدرالدين 1164هه/ 1751ع ۾ وفات ڪئي، مير علي شير قانع هيٺينءَ ماده تاريخ چئي آهي: ”ان للمتقين جنت“ 1164هه


هن صفحي کي شيئر ڪريو